Dor Sika Ji Eeyan Tutan Na Khape (Ghazal)

ڏور سڪ جي ائين ٽٽڻ ن کپي
پيار جي راھ ڀي ڇڏڻ ن کپي
.
مرڪ منھن تان ائين کسڻ ن کپي
ڪنھن کي اک سان ائين ڇلڻ ن کپي
.
ڇو ڪنارو ڏسان پري کان ئي؟
پنھنجي منزل ائين تڪڻ ن کپي
.
انڊلٺ کي ڇھڻ ٿي دل چاھي
انڊلٺ دور کان پسڻ ن کپي
.
واٽ ساڳي وٺي ھلي ٿو جو
پنھنجي پاڇي پٺيان پوڻ ن کپي
.
جي لڪن بادلن پٺيان تارا
چنڊ تنھا ڏسي کلڻ ن کپي
.
ڪئن ڀروسو ڪيان ھوا جي مٿان؟
ريت جي ڍير تي سمھڻ ن کپي
.
ڪو کلوءنو ن آ ڪو رانديڪو
راند انسان سان ڪرڻ ن کپي
.
چنڊ باندر آ ڄڻ ت ريسارو
چنڊ سان گڏ ائين ڊڪڻ ن کپي
.
وات مان ڳالھ جي وڃي نڪري
ھٿ کي *نيتا* ائين ملڻ ن کپي
.
.
نيتا لعلواڻي ✍🏻

Comments

No comments yet. Why don’t you start the discussion?

Leave a Reply