Hu Paseene Mein Tarbatar Tho Lage

 

ھو پسيني ۾ تربتر ٿو لڳي (غزل)

.

ھو پسيني ۾ تربتر ٿو لڳي

گھر بنا ھو ت دربدر ٿو لڳي

.

ڄار مڪڙيء وڇايو آ در تي

بند سالن کان ھي ت گھر ٿو لڳي

.

تيز اس ڪانو جي ب اک نڪري

ڌرتتيء جو ت ھي پھر ٿو لڳي

.

ڪو ب پاتو ن ھن آ داغينو

سادگي سون جو ئي زر ٿو لڳي

.

سڀ نديون ھن ۾ ئي سمائن ٿيون

ڪيڏو پيارو ن ھي بحر ٿو لڳي

.

سڀ ٻھاري وئي آ پل ۾ ئي

ھي سناميء جو ڄڻ قھر ٿو لڳي

.

ڪئن ڀريندي اڏام اڀ ۾ ھوءَ

ڪنھن پريء جو ٽٽل ھي پر ٿو لڳي

.

چوٽ کائي ب مسڪرائي ٿو

ڪنھن بھادر جو ئي جگر لڳي

.

ڪا ت ويڌن ضرور ٿي آھي

منھن ڳوڙھن سان ھنجو تڙ ٿو لڳي

.

ھو ت ڳرڪائي ٿو مڇيون پل ۾

سمنڊ جو ڪو وڏو مگر ٿو لڳي

.

زندگي ڄڻ ڏکيو سفر ٿو لڳي

ياتنائن جو ڄڻ نگر ٿو لڳي

.

ڇو ڪيان ھٿ چراند مان ان سان؟

ھي ت نانگن جو ڪوئي ٻر ٿو لڳي

.

آسمان کي ڇھي رھيو آھي

نالي “نيتا” جي سو لغڙ ٿو لڳي

.

نيتا لعلواڻي

 

Comments

No comments yet. Why don’t you start the discussion?

Leave a Reply